SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Code Pink

(click word to listen sound
  • 🔊
  • koud
  • piŋk
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Code Pink

ڪوڊ پنڪ

گُلابي دائرو

هي هڪ جنگ مُخالف حلقو آهي، جيڪو گهڻو تڻو امن پسند عورتن تي ٻڌل آهي. هن حلقي جي دعويٰ مطابق، اُهو افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪا طرفان شروع ڪيل جنگين جي خاتمي، دُنيا ۾ نين جنگين جي روڪٿام ۽ انساني وسيلن جي صحت، تعليم ، ماحول دوست روزگار ۽ زندگيءَ جي هاڪاري رُخ ۾ اوسر ڪندڙ شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. جيئن ته هِن حلقي جي طرفان گُلابي رنگ کي سُڃاڻپ جو اُهڃاڻ بڻايو ويو آهي ۽ تنظيم جو هر ميمبر پنهنجي جسم تي گُلابي رنگ جي نشاني هڻڻ لاءِ پابند آهي، تنهنڪري اُن کي Code Pink جو نالو ڏنو ويو آهي. سندس ميمبرن جي اڪثريت پنهنجي فڪري لاڙن ۾ مارڪسوادي ۽ سرمائيدار مخالفن ۾ اڳڀري آهي، هن تنظيمن جي اڳرائي مشهور عورت وادي خاتون، مَديا بئنجامن (Madea Binjamin) جي هٿ ۾ آهي. هيءُ حلقو جنگ مُخالف مظاهرا ڪرائڻ، امن ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ عالمي ميڊيا تي عوام دوست موقف پيش ڪرڻ جي حوالي سان دُنيا ۾ شهرت رکي ٿو. هن تنظيم نيويارڪ شهر ۽ واشنگٽن ڊي سي جهڙن اهم آمريڪي شهرن کان سواءِ، دُنيا جي ٻين مُختلف مُلڪن ۾ به پنهنجا دفتر کوليا آهن . تنظيم جو بُنياد آڪٽوبر 2002ع ۾ عورتاڻن حقن جي مشهور ڪارڪن جُوڊي ايوانس (Jodie Evans) وڌو ۽ پنهنجي پهرين سرگرميءَ دوران، هن خاتون 10 هزار ماڻهن کي ” عورتن جي بين الاقوامي ڏهاڙي“ تي وائيٽ هائوس آڏو گڏ ڪري، آمريڪي پاليسين خلاف احتجاج درج ڪرايو.


Remember Me Also:

اوجڙ

ذ. اُجاڙ ، ويراني ، بربادي. صفت ويران ، برباد ، اُجَڙُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal